شيعيت جو تعارف

شيعيت جو تعارف

شيعيت جو تعارف

شيعيت جو تعارف (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف محمد بخش مگسي آهي، جنهن ڪتاب ۾ اثناعشري شيعه فرقي بابت تفصيلي ۽ ماخذن ۽ دليلن سان معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ست باب آهن، جن جو نچوڙ هن ريت آهي:
باب پهريون: شيعه لفظ جي معنيٰ (هن باب جا ڪل 8 عنوان آهن).
باب ٻيو: اهل بيت عليهم السلام نبوت جو تعارف.
باب ٽيون: شيعت ۽ اصحابي رسول صلعم (هن باب ۾ 23 نامور اصحابين جو سوانح حيات آهي).
باب چوٿون: شيعن جون تبليغي سرگرميون ۽ بني اُميه جا ظلم (هن باب ۾ ڪل 4 عنوان آهن).
باب پنجون: شيعه بحيثيت قوم (هن باب ۾ ڪل 9 عنوان آهن).
باب ڇهون: شيعه عقائد (هن باب ۾ ڪل 3 عنوان آهن).
باب ستون: چند اختلافي مسئلا (هن باب ۾ ڪل 13 عنوان آهن).
ڪتاب جي تقريظ حجة الاسلام والمسلمين علامه حافظ ثابت علي بلوچ نجفي مدظله جي، ‘ڪجهه ڪتاب متعلق’ عنوان سان محمد علي حداد ۽ پيش لفظ خود مصنف محمد بخش مگسيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز ۾ 365 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب حاجي مير غلام علي خان ٽالپر، نجفي پرنٽنگ پريس ڪراچي مان 1404هه/ 1983ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 25 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو